سمو غلام نبي

سمو غلام نبي

غلام نبي سمو

سمو، غلام نبي (فنڪار): نامياري شهنائي نواز غلام نبي ولد محمد اڪرم سمي جو جنم، 14 ڊسمبر 1942ع تي ڳوٺ جادي ڪلهوڙي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. موسيقيءَ جو فن کيس ورثي ۾ مليو. سندس والد پنهنجي وقت جو ڍولڪ نواز هو ۽ سنڌ جو ناميارو راڳي ديدار حسين سمو سندس ننڍو ڀاءُ آهي، جڏهن ته نئين نسل جو نوجوان راڳي ماسٽر فتح علي سندس ڀائٽيو آهي، جيڪو گهڻو مشهور فنڪار آهي. غلام نبيءَ کي سندس والد 15 سالن جي عمر کان شرناءِ جي فن جي بنيادي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي سريلي شهنائي نواز استاد محمد اڪرم سمي لاڙڪاڻي واري کان شرناءِ جي باقاعدي سکيا ورتائين. پنهنجي استاد محمد اڪرم جي وفات کانپوءِ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي ڪجھه ڄاڻ سنڌ جي ناليواري ڪلاسيڪل فنڪار استاد منڌر خان جيڪب آباد واري کان پڻ ورتائين. استاد غلام نبي سمو شهنائيءَ جي فن ۾ رياض ۽ محنت ڪري لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪل جي سنگم کي نمايان ڪرڻ واسطي ڪافي حد تائين گهڻائي ڪامياب تجربا ڪيا، کيس ماضي قريب کان وٺي حال تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪلاسيڪي ڇنن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت ڏئي گھرايو ويندو آهي. هڪ ڀيري 1988ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڇنو منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ستن ضلعن جي سريلن مڱڻهارن کي دعوت ڏئي گھرايو ويو، ان ڇني جو پهريون نمبر انعام ان وقت ۾ هڪ هزار روپيا مقرر ڪيو ويو، جيڪو انعام استاد غلام نبي سمي پنهنجي فن ۾ مهارت سبب کٽيو هو. سندس کوڙ سارا شاگرد ضلعي لاڙڪاڻي فني خدمتون سرانجام ڏيندا اچن ٿا. استاد غلام نبي سمو شرناءِ سان گڏ دهل به وڄائيندو آهي، پر گھڻي قدر شرناءِ نواز طور کيس سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ پنهنجي چئن گھرن جي برادريءَ جو چڱو مڙس به آهي، ان ڪري کيس سندس برادريءَ وارا ’رئيس غلام نبي‘ جي نالي سان به سڏيندا آهن. غلام نبي سمو، قلندر لعل شهباز سان بي انتها محبت ۽ عقيدت رکندڙ آهي ۽ قلندر جي هر ميلي ۾ شريڪ ٿي درگاهه جي دروازي جي سامهون پنهنجي جوڙ سميت پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري حاضري ڀريندو آهي. غلام نبي ۽ سندس جوڙ کي ڪيترائي ڀيرا پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي دعوت ڏئي گھرايو ويو آهي، جتي هن ڪلاسيڪي توڙي لوڪ موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. توڙي جو هن وقت سندس عمر ستر سالن کان وڏي آهي، پر سندس فن ۽ فن سان عشق هن وقت به جوان آهي.


لفظ غلام نبي سموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.12.14  عيسوي

نامياري شهنائي نواز غلام نبي ولد محمد اڪرم سمي جو جنم، 14 ڊسمبر 1942ع تي ڳوٺ جادي ڪلهوڙي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجا توڏر مل
ايس گل
بيدار مورائي
راج ڪپور
آريسر پانڌي
سلمان تاثير
جعفري غلام حسين
پاٽائي يوسف سنڌ
راجو خمره
سيد سليمان ندوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون